ڪيف غزنوي

ڪيف غزنوي

ڪيف غزنوي

ڪيف غزنوي: اداڪاره ۽ آرٽسٽ ڪيف غزنوي 7 جنوري 1986ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. نيشنل ڪاليج آف آرٽ لاهور مان فائن آرٽس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن فلمي ڪيريئر جي شروعات ’سڪينا سمون‘ جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺھندڙ فلم ’انتظار‘ ۾ اداڪاري سان ڪئي. ڊرامي ’سنگ مرمر‘ ۾’پری‘،’لمحے‘ ۾’فیروزا‘ ۽ فاروق رند جي هدايتڪاري ۾ ٺھيل ڊرامي ’ہم کہاں کے سچے تھے‘ ۾ ’شبو‘ جي ڪردار وسيلي ڪافي شھرت ماڻي. سندس ٻين ڊرامن ۾: ’ادھوری عورت‘٬ ’تھوڑا سا آسماں‘٬ ’صدقے تمھارے‘٬ ’میں اور تم پھر سے‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه اسٽيج (ناٽڪن) ۾ پڻ اداڪاري ڪئي اٿس، جن ۾: ’چپ‘٬ ’یھودی کی لڑکی‘٬ ’میئر فارمیئر‘، ’برداشت کا خاتمہ‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن وقت ’کیف والا فائونڈ یشن‘ جي باني آهي ۽ ’بنوت انٽرنيشنل فيسٽيول‘ جي پليٽفارم تان مختلف وقتن تي ثقافتي ميلا ڪرائيندي رهي ٿي. شارٽ فلم ’اندھا‘ وسيلي بھترين اداڪاره جو اوارڊ (2021ع) ماڻي چڪي آهي. ثقافت کاتي سنڌ پاران شاهنواز ڀٽي جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺھندڙ شارٽ فلم ۾ ’مائي بختاور‘ جو اهم رول پڻ ادا ڪري چڪي آهي.


لفظ ڪيف غزنويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.01.07  عيسوي

اداڪاره ۽ آرٽسٽ ڪيف غزنوي 7 جنوري 1986ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد عالم شاهه عالم
پيرزادو شاهه محمد
پير محمد اسماعيل جان سرهندي
طائي
احمد رضا بروهي
جمال عبدالناصر
انور الدين شيخ
ذوالفقار علي ڀٽو شهيد
پيرزادو عبدالرزاق مولوي
ارون ڌتي راءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون